SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ثقافتي اوٿارو:


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ثقافتي اوٿارو:

CJL Cultural Jet Lag

ڪلچرل جيٽ لئگ

هڪ ملڪ منجهان ٻئي ملڪ جي ڪنهن به ڏورانهين منزل ڏانهن ڪيل هوائي جهاز واري مسافريءَ جي نتيجي ۾ ، ننڊ جي نظام ۾ تبديلي اچي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته اصل رهائشي علائقي ۽ نئين منزل جي وقتن جي تفاوت/ تبديلي (Time Zone Change) سبب انسان کي مخصوص حالتن ۾ آرام ڪرڻ جي پيل هير ۾ ُرخنو پوندو آهي . انهيءَ ڪري عارضي بي آرامي ۽ اوجاڳو تيستائين جاري رهندو آهي . جيستائين نئين ماحول ۾ ماڻهو هري مري نه ٿو. ان صورتحال کي ”مسافريءَ جو ٿڪ يا اوجاڳو“ Jet lag چيو ويندو آهي . ان ساڳئي احساس کي گهڻ رخي ثقافتي نفسيات جي حوالي سان، نامياري محقق Marc Perrand پنهنجي تحقيق ۾ استعمال ڪيو. سندس خيال مطابق خانه بدوش ٻالجتيءَ واري پسمنظر مان جديد سرشتن ذريعي جوان ٿيل، ٻٽو ثقافتي پسمنظر رکندڙ بالغن جي سماجي سرگرمين ۾ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيڻ ڪري، سماج ۾ هڪ بي چيني جي ڪيفيت نظر ايندي آهي. عام طور تي هي اصطلاح ٻن حوالن، ”سماجي ۽ ثقافتي عدم اطمينان“ جي عنوانن سان مروج آهي، پرانهن مان گهڻي مڃتا ثقافتي حوالي کي مليل آهي. جنهن مطابق: مختلف ثقافتن ۽ اخلاقي قدرن ۾ رهندڙ ٻارن جي اندر مايوسي ۽ شڪ جي ڪيفيت گهر ڪري وڃي ٿي. خاص طور تي ”ٽئين ثقافت جي ٻارن“ (TCKs) ۾ ان قسم جالاڙا عام جام ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ان قسم جي صورتحال، بين الاقوامي سرشتي سان لاڳاپيل ”ثقافتي بي چينيءَ يا ٿڪ جو شڪار“ ٿيل فردن ۽ حلقن ۾ به موجود هوندي آهي، تنهنڪري فيصلي سازيءَ جو عمل متڀيد ، تفاوتن ۽ ناڪاري لاڙن جو شڪار ٿي سگهي ٿو


Remember Me Also:

ڪوڪري

ث. ايٽ جي ٽڪ تان لاهي رکيل سُٽَ جي ڇُڳي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal